شاهه اسماعيل جي ڇَٽي

شاهه اسماعيل جي ڇَٽي

شاهه اسماعيل جي ڇَٽي

شاهه اسماعيل جي ڇَٽي (ماڳ): تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ نئن هليليءَ تي جنگواڻي جمالين جي مقبرن کان ٿورو پاسيرو هڪ ڪشادي بٺيءَ جي چوٽيءَ تي اڪيلي ڇٽي واقع آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو ‘اسماعيل شاهه جي ڇٽي’ چون ٿا. ان تي ڪو ڪتبو يا لکت نه هئڻ ڪري ان جي ذات بابت مقامي طور تڪرار آهي ته مدفون سيد آهي يا جمالي يا اڃا ڪو ٻيو آهي.
هيءَ ڇَٽي سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مقبري اندر واقع ڪشتيءَ وانگر آهي. اها قديم ڇٽين مان هڪ آهي، ان جي گنبذي ڇت مان سندس قدامت جو اندازو ٿئي ٿو. ان ڇٽيءَ ويجهو ٻي ڪا به قبر يا قبرستان نه آهي. اها مقامي هيڊي پٿر مان تراشيل ٿنڀن ۽ بلاڪن سان اڏيل آهي. اٺن ٿنڀن تي مشتمل هن چوڪور ڇَٽيءَ جي چئني ڪنڊن تي هڪ هڪ ۽ هرهڪ پاسي جي وچ تي هڪ هڪ ٿنڀو مضبوطيءَ لاءِ اڏيل آهي. ڇَٽيءَ هيٺان قبر هن وقت زبون ٿي چڪي آهي. ٿنڀن جو هيٺيون اڌ چوڪور ۽ مٿيون اڌ اٺڪنڊو آهي. ٿنڀن جو هيٺيون حصو گول ۽ خاني دار آهي، جيڪو ٻن قطارن ۾ ورهايل آهي. اهو مثال ٻيو ڪٿي نه ٿو ملي. هيٺئين سرسـُتون جي گهڙاوت گولائيءَ ۾ ۽ خانن ۾ ڌار اُڪر جي ٻن قطارن ۾آهي. انهن جي مٿان سادا چو مـُکا رکيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو